هوشو شيدي جي نقش قدم تي هلندي ڌرتي لاءِ ان وانگر ئي جدوجهد ڪرڻ چاهيان ٿو: بلاول ڀٽو

حيدرآباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ويجهو سنڌ جي عظيم مزاحمتي ڪردار شهيد هوش محمد شيديءَ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ، سندس آمد کان اڳ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ڳوٺ ٻڍي سيال ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا هئا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان لاءِ پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو، زاهد ڀرڳڙي، سڪندر شورو، ڄام خان شورو، علي محمد سهتو ۽ ٻيا اڳواڻ به پهتا هئا. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري کي ڏسڻ لاءِ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي وڏي انگ ۾ شهيد هوش محمد شيديءَ جي مزار وٽ پهتا هئا. پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ هو شهيد هوش محمد شيدي جي مزار تي حاضري ڀرڻ  لاءِ آيو آهي، ڇاڪاڻ ته  هوش محمد شيدي پنهنجي ڌرتي لاءِ قرباني ڏيڻ  جو هڪ لازوال مثال آهي، هن چيو ته  هو پڻ هوش محمد شيدي جي نقش قدم تي هلندي ڌرتي لاءِ ان وانگر ئي جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو قرباني جي اهڙي جذبي سان سرشار آهي. اهڙو اظهار هن اڄ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي ڳوٺ ٻڍو سيال ديهه ناريجاڻي ۾ واقع هوش محمد شيدي جي مزار تي حاضري ڀرڻ ۽ چادر چاڙهي فاتحه ڪرڻ  بعد صحافين سان  ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۽  ملڪ لاءِ ڪراچي  تاج جي ڪوهه نور هيري وانگر آهي ۽ پاڪستان جي دل  جي ڌڙڪن  آهي جيڪو ملڪ کي تمام گهڻي آمدني ڏيندڙ شهرآهي تنهنڪري ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري عوامي ميڙ سامهون سنڌي ۽ اردو ۾ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ۽ هلو هلو  ڪراچي هلو جا نعرا هنيا ۽ هٿ لوڏي موجود عوام جي وڏي انگ نعرن جو پڻ جواب ڏنو. ان موقعي تي صحافين پاران پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جون پاڙون مضبوط  ڪرڻ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ پ پ  جون پاڙون مضبوط  آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهو ثابت ٿي ويندو ته پيپلزپارٽي ئي ملڪ جي واحد وڏي جمهوري پارٽي آهي جيڪا هميشه عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندي آهي ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به ڌانڌلي يا چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ان ڳالهه ۾ يقين رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته  پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي سياسي دجال ۽ طالبان جي ذريعي  پٺتي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر سڀاڻي واري جلسي کانپوءِ سڀني کي جواب ملي ويندو ته آئون هاڻي اهڙين قوتن سان ڇا ٿو ڪيان! هن چيو ته عوام سندس قيادت ۾ متحد ۽ متحرڪ آهي ۽ عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيندي_ ان موقعي تي صحافين پاران بلاول ڀٽو زرداري کي پريس ڪلب حيدرآباد جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي ٻڌايو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو حيدرآباد پريس ڪلب جا اعزازي ميمبر رهي چڪا آهن ۽ هن کي به حيدرآباد پريس ڪلب جو دورو ڪرڻ گهرجي جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري يقين ڏياريو ته هو جلسي کانپوءِ جلد ئي حيدرآباد پريس ڪلب جو دورو ڪندو ۽ صحافين سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ بلديات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سينيٽر مولابخش چانڊيو،صوبائي وزير ڄام خان شورو، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، اڳوڻا  صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي، پير امجد شاهه جيلاني، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه، ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناا لله عباسي، ڊي سي حيدرآباد فياض احمد جتوئي، پ پ پ اڳواڻ  ٻيا  عهديدار ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *