هن وقت ن ليگ جو باقاعدا حصو ناهيان، شاهد خاقان عباسي جي خواهش بابت خبر ناهي: چوڌري نثار

راولپنڊي (اين اين آءِ) سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار خان چيو آهي ته مڪاني کاتن کي ٽوڙڻ جي حڪومتي پاليسي ڪامياب نه ٿيندي، جنگ ضرور عدالت ۾ وڙهي ويندي، جيڪي قرض ڏيندا آهن انهن جي دڪٽيشن تي هلڻو پوندو آهي، موجوده حڪومت قرض وٺڻ ۾ ن ليگ ۽ پ پ کان اڳتي نڪري وئي آهي، هي قوم سان ظلم نه پر جرم آهي، آءِ ايم ايف جو 6 يا 7 ارب رپيا ڪيئن اسان جي معيشت کي مضبوط ڪري سگهي ٿو، اسان بند گهٽي ڏانهن وڌي رهيا آهيون،پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۽ فنڪار ڀارت نٿا وڃي سگهن، ان کان وڏي انتهاپسندي ڪيئن ٿيندي، هو ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، صحافي جي سوال تي چوڌري نثار جواب ڏنو ته هن وقت ن ليگ جو حصو نه آهيان، ن ليگ ڪنهن کي عهدا ڏنا ڪنهن کي نه ان تي ڪجهه نه چوندس، هن چيو ته گهڻو اڳ چيو هو ته موجوده حڪومت موجوده مڪاني ادارن کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندي، ان ۾ اها به سياسي جرئت نه آهي ته مڪاني چونڊون نئين سر ڪرائين، هن چيو ته مڪاني ادارن کي جيئن موجوده حڪومت گهر موڪليو ائين نٿو ٿي سگهي، هي جنگ ضرور عدالت ۾ وڙهي ويندي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڀارت ۾ پاڪستان جو نالو وٺندڙ کي قتل ڪيو وڃي، هن چيو ته ان ۾ خامي اسان جي آهي ته ڀارت جا ڏوهه دنيا کي نظر نٿا اچن، هن چيو ته عمران خان ٽرمپ کي جواب ڏنو ته مون ساراهه ڪئي، هن چيو ته اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن مون کي عمران خان جي اها بهادري ۽ وطن سان محبت جو جذبو نظر نٿو اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *