هنگو ويجهو فورسز جي ڪارروائي، 10 دهشتگرد مارجي ويا

هنگو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هنگو ويجهو شيخان واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا، فورسز 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪري علائقي جو ڪنٽرول پڻ سنڀالي ورتو آهي. ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز شيخان واري علائقي زميني ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب، ڪارروائي دوران 6 خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪارروائي دوران دهشتگردن جي 12 ٿاڪن کي پڻ تباهه ڪيو ويو. سڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪنٽرول پڻ سنڀالي ورتو آهي. فورسز عزم جو اظهار ڪندي چيو ته قانون جي رٽ کي هر صورت ۾ بحال ڪيو ويندو، دهشتگردن جا ڏينهن هاڻي پورا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *