هنگو: آءِ ڊي پيز جي ڪيمپ ۾ بم ڌماڪو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

پشاور(م.ڊ) هنگو ۾ اورڪزئي ايجنسي  جي آءِ ڊي پيز لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ آچر تي هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ٻن ننڍين  ٻارڙين سميت ٻيا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ڪنٽرول روم هنگو تصديق ڪندي ٻڌايو ته اهو ڌماڪو  هنگو جي علائقي محمد خواجه ۾ اورڪزئي ايجنسي مان لڏ پلاڻ ڪندڙ آءِ ڊي پيز لاءِ  قائم ڪيمپ ۾ ٿيو. پوليس مطابق ڌماڪيدار مادو هڪ موٽر سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو جيڪا ڪيمپ جي اندر بيهاري وئي هئي.  لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال هنگو پهچايو ويو. ڌماڪي کان فوري پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي تي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. سول اسپتال هنگو جي ڊيوٽي آفيسر ٻڌايو ته  بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 9 ڄڻن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي  آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *