ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت 23 آڪٽوبر تي هندو برادري جو ڏڻ ڏياري سرڪاري طور تي ملهائيندي وڏي وزير چيو ته ڏياري جي موقعي تي هندو برادري جي سرڪاري ملازمن کي موڪل ڏني ويندي ۽ هندو برادري سرڪاري ملازمن کي حڪومت سنڌ اڳواٽ پگهار به ادا ڪندي جنهن لاءِ صوبائي سنڌ ناڻي کاتي کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي نئون ديرو هائوسلاڙڪاڻو ۾ هندو برادري سان ڏياري ملهائيندو بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق هن هندو برادري کي دعوت ڏني آهي ته هو نئون ديرو هائوس لاڙڪاڻو ۾ ان سان گڏ ڏياري جي خوشين ۾ ان سان شامل ٿين هن پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر سميت مقامي اڳواڻن کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي به هن ڏڻ تي هندو برادري سان گڏجي ملهائين.