
ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت هميشا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ کان پوئتي ناهي رهندو، پر هاڻي ته اڙي واقعي کانپوءِ جتي هڪ پاسي ڀارت هٿ ڌوئي پاڪستان جي پويان پئجي ويو آهي ته اتي ئي وري ٻئي پاسي هندو انتها پسند بالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني فنڪارن کي 48 ڪلاڪن ۾ ڀارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.جڏهن ڪيترن ئي پاڪستاني اداڪارن جا ڀارت ۾ نوان پراجيڪٽ هلي رهيا آهن.