هندو انتهاپسندن دپيڪا کي ”نڪُ“ وڍڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن جي پارٽي شري راجپوت ڪرني سينا ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ” پدماوتي“ ريليز ڪئي وئي ته دپيڪا جو نڪ ڪٽي ڇڏينداسين. بالي ووڊ جي ڊمپل گرل دپيڪا پڊوڪون، اداڪار رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور جي فلم ” پدماوتي“ پنهنجي آغاز سان ئي ڏکيائين جو شڪار رهي آهي ۽ ڏکيائين جو سلسلو اڃان تائين ختم ناهن ٿيون. گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته فلم ” پدماوتي“ کي ريليز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي تنهن هوندي اهي رڳو افواه ئي ثابت ٿيا. هندو انتهاپسند پارٽيون هاڻ به فلم جي ڀرپور مخالفت ڪري رهيون آهن جڏهن ته راجپوت ذات سان تعلق رکندر ماڻهن جي پارٽي شري راجپوت ڪرني سينا ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن فلم ريليز ڪئي وئي ته دپيڪا جو نڪ وڍي ڇڏينداسين. ڪرني سينا جي سربراهه لوکيندرا سنگهه ڪالوي دپيڪا جو نڪ وڍڻ کان سواءِ فلم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ هن اداڪارا دپيڪا پڊوڪون کي ” نچڻ واري“ قرار ڏيندي الزام لڳايو آهي ته انڊر ورلڊ مافيا ڀارتي تاريخ مسمار ڪرڻ لاءِ فلم تي پيسو لڳايو. هندو انتهاپسندن طرفان مليل ڌمڪين کي نظر ۾ رکندي مهاراشٽر جي رياستي حڪومت سنجي ليلا ڀنسالي کي سيڪيورٽي ڏني آهي جڏهن ته راجسٿان جي چيف وومن ڪميشن ثمن شرما ۽ سي بي ايف سي جي چيف پرسون جوشي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته فلم جي ريليز وقت ڪنهن قسم جو حملو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سينما ۽ فلم ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *