هندن جي مذهبي تهوار ”ديوالي“ جون تقريبون (اڄ) شروع ٿينديون

ڪراچي، عمرڪوٽ، لاهور (م.ڊ) هندن جي مذهبي تهوار ”ديوالي“ جون تقريبات (اڄ) پوري ملڪ ۾ شروع ٿينديون، سنڌ حڪومت ديوالي تي وبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي پوري ملڪ ۾ مندرن ۾ خاص پوجا پاٽ ٿيندي، ڪراچي، اندروني سنڌ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، سکر سميت ٻين ضلعن جتي هندو رهيل آهن اتي ديوالي جون رنگا رنگي تقريبات ٿينديون، ان کان علاوه به پوري ملڪ ۾ جتي جتي هندو برادري رهيل آهي ديوالي ملهائي ويندي. ملڪ جي وڏي سياسي پارٽين هن ڀيري هندن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ديوالي جي تقريبات ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ۾ ديوالي جي خاص تقريب ڪوٺائي هندو برادري جي اهم شخصيتن کي اتي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي (اڄ) عمر ڪوٽ ۾ هندو برادري سان ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ٻئي پاسي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين صديق الفاروق لاهور جي ڪرشنا مندر راوي روڊ ۾ ٿيندڙ مرڪزي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. ديوالي جي ان تقريب ۾ ٻين مذهبن کان علاوه اتحاد بين المسلمين جا اهم اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *