هندستان پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي پر هو سمجهي ڇڏي ته اسان جي فوج ۽ دفاع ڪافي مضبوط آهي: پرويز مشرف

ڪراچي (اين اين آءِ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف چيو آهي ته هندستان پاڪستان جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي پر هو ڄاڻ وٺي ته اسان جي فوج ۽ دفاع ڪافي مضبوط آهي پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو ملڪ جي سياست ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. اي پي ايم ايل هم خيال ماڻهن سان گڏجي نئون اتحاد ٺاهي رهي آهي عوام اسان جو ساٿ ڏئي اسان حڪومت ۾ اچي سندن مسئلا حل ڪنداسين ايم ڪيو ايم جو نالو هڪ چٽو آهي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي هٿيار ڏئي ڪراچي جي ماڻهن کي ويڙهايو. اسان کي انهن کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. عوام کي چوان ٿو ته قوميتن واري سياست ڇڏي پاڪستانيت جي سياست ڪريو اسان ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات اي پي ايل ايل سنڌ سائوٿ ريجن ڪراچي جي تحت لياقت آباد فلاءِ اوور تي عام جلسي کي خطاب دوران ڪيو. جلسي کي اي پي ايم ايل جي صدر ڊاڪٽر محمد امجد، اي پي ايل ايل سائوٿ ريجن جي صدر احمد حسين، جنرل سيڪريٽري اسلم مينائي، محمد علي شيرواني ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. جلسي ۾ عوام کي پرويز مشرف جون تصويرون، پاڪستان ۽ اي پي ايم ايل جا جهنڊا هئا جلسي ۾ جيئي پاڪستان ۽ جيئي پرويز مشرف جا نعرا پڻ لڳايا ويا. جلسي ۾ ميوزيڪل پروگرام ۽ آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي پرويز مشرف چيو ته ڪراچي جي عوام کي ڀليڪار چوان ٿو لياقت آباد ايم ڪيو ايم جو قلعو هوندو هو اڄ اسان لياقت آباد ۾ جلسو ڪيو آهي ڪراچي پاڪستان آهي هن شهر ۾ سنڌي، مهاجر، پٺاڻ، بنگالي، برمي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي سميت سموريون قومون رهن ٿيون هتي سڀ ماڻهو آباد آهن ڪراچي جي ماڻهن کي استعمال ڪيو هتي لاش ملندا هئا ڪجهه سياسي طاقتون عوام کي ويڙهائينديون رهيون اسان کي انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو هن چيو ته مون کي ڪجهه به نه گهرجي مان صدر، آرمي چيف رهي چڪو آهيان مان مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکان ٿو مان پاڪستان جي ترقي جو سوچان ٿو ڪراچي ۾ لاشن تي سياست ٿيندي هئي ڪراچي ۾ ڪيترائي خاندان تباهه ٿي ويا، مان به مهاجر آهيان پر مان پنهنجو پاڻ کي مهاجر نه ٿو سمجهان مان سڀ کان پهريان پاڪستاني آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *