هميشه چوندو آھيان تھ پي ٽي آئي تحريڪ انتشار جو نالو آھي، هي اپوزيشن ۾ رهندي به انتشار پيدا ڪندا آهن: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان سنڌ حڪومت، صلاحڪار قانون ۽ ايڊمسنٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته مان هميشه پي ٽي آئي جو نالو تحريڪ انتشار رکيو آهي هي اپوزيشن ۾ رهندي به انتشار پيدا ڪندا آهن هاڻي حڪومت ۾ پڻ اهو ئي ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪيمٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن جماعتن قانوني طور تحريڪ عدم اعتماد استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻي عوام جي سامهون اچي ويو آهي ته پي ٽي آئي انتشار پيدا ڪرڻ واري جماعت آهي. گذريل ٽن سالن ۾ هن نااهل حڪومت عوام کي ڪائي سٺي خبر ناهي ٻڌائي ۽ هميشه هر الزام اپوزيشن تي وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته ان جي انتشار جي تربيت يافته وزيرن هاڻي فسادن جي طرف وڃي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي ڊڄائڻ يا يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هاڻي ان جي گهبراهٽ نظر اچي رهي آهي ڇوته مڪمل طور تي ڪنفيوز آهن ۽ انتشار ڪندڙ ماڻهو فساد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي سهانا خواب جيڪي عمران خان ۽ ان ڪجهه وزيرن اپوزيشن جي ڏينهن ۾ عوام کي ڏيکاريا هئا ۽ هاڻي عوام کي خبر پئجي وئي هي ته هو سڀ ڳالهيون هيون. نوڪريون ته مليون پر ماڻهو بيروزگار ضرور ٿيا. عمران خان چيو هو ته مان بليڪ ميل نه ٿيندم هاڻي نظر اچي رهيو آهي ته هو پاڻ کي طاقتور چوندا هئا پر پارليمينٽ لاجز وڃڻو پيو. هن شخص کي ق ليگ وٽ به وڃڻو پيو. جيڪو ووٽ گهرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي آفيس نه ويو هو ۽ هو اتي به پڻ هليو ويو. هي شخص ڪراچي آيو پر هتان جا مسئلا ڪڏهن حل نه ڪيا. هي ماڻهو چوي ٿو ته خودڪشي ڪندم آئي ايم ايف وارن وٽ نه ويندم ۽ هو اتي به پڻ هليو ويو. جيترا اسڪينڊل عمران خان جي حڪومت ۾ آيا آهن ان جي مثال نٿي ملي. کنڊ اسڪينڊل، ڪڻڪ، دوائن جو هجي ها يا ڪوئي ٻيو هجي عوام کي بهگتڻو پوي ٿو. کنڊ اسڪينڊل ۾ ملڪ کي ڪيترن 100 ارب جو ٽيڪو لڳو پر ڪائي ڪارروائي نه ٿي. ڪڻڪ جو اسڪينڊل آيو ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه ٿي. دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل وزير کي اهو چئي ڪري هٽايو ويو ته انڪوائري ٿيندي پر ان جي پاڻي جو وڏو عهدو ڏنو ويو. انهن حالتن ۽ نااهلي جي ڪري اپوزيشن جماعتن کي موقعو مليو ته پنهنجو آئيني حق استعمال ڪن. هن چيو ته جڏهن ماڻهن کي تاريخي نظر اچي پئي ته بلاول صاحب تاريخي عوام مارچ جو اعلان ڪيو جنهن تي ڪجهه ڪنهن چيو ڪنهن ڪجهه ٻيو چيو. جڏهن عوامي مارچ سنڌ جي شهرن ۾ پهتو ته پي ٽي آئي وارا چوندا هئا ته سنڌ آهي جڏهن مارچ پنجاب داخل ٿيو ته دنيا ڏٺو هر جڳهه عوام جو سمنڊ موجود هو. عوام کي نظر اچي رهيو آهي ته بلاول صاحب ڪيئن قوم جي قيادت ڪري رهيا آهن. جيڪو پاڻ کي ستر سال جي عمر ۾ يوٿ جو صدر چوندو آهي هو بلاول صاحب جو مذاق اڏاري رهيو آهي. هاڻي ته ان جي اتحادين تي پڻ گروپ ختم ٿي رهيو آهي هن صورتحال کي ڏسندي عمران خان کي پاڻ گهر وڃڻ گهرجي. عمران خان جو وڃڻ هاڻي لازم ٿي ويو آهي. ترجمان سنڌ حڪومت چيو ته مان اسپيڪر صاحب کان ٻڌڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن توهان ڪوئي غير آئيني قدم کنيو ته انهن سمورن ماڻهن ۽ توهان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو. ايم ڪيو ايم هڪ سياسي جماعت آهي اسان ايم ڪيو ايم کي انگيج ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪو ريسپانس ايم ڪيو ايم کان مليو آهي اهو مثبت آهي. ايم ڪيو ايم ڪيترائي دفعا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل درآمد چاهيون ٿا. 2008 ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته 18وين ترميم پاس ڪئي وئي ۽ گهڻائي ئي ڪم ٿيا. اهي ماڻهو جيڪي ايوان صدر جي ذريعي پارليمينٽ تي رات جو رت هڻندا هئا اهي رستا بند ڪيا. سياسي جماعتن کي گڏ ويهڻ جي ضرورت آهي. متحده اپوزيشن عدم اعتماد جمع ڪرايو آهي ان جو جواب ڇا عوام کي جمع ڪري ڏيندا؟ ڏهن ڏينهن جو عوامي مارچ ڪيو ۽ ڪوئي ڌرڻو ناهي ڏنو. خطاب جي بعد گهرن ڏانهن هليا وياسين. اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائين ۽ ووٽنگ ڪرائين. هاڻي ته وفاقي وزير اپوزيشن سان گڏ ملي رهيا آهن. عمران خان وٽ هاڻي اڪثريت نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *