هلندڙ سال پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، وڏن ڦورن جو احتساب ڪنداسين: عمران خان

ڪرڪ (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين 17 تاريخ جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته انهيءَ ڏينهن ئي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين پي ٽي آءِ هن سال ئي اقتدار ۾ ايندي ۽ اقتدار ۾ اچي وڏن وڏن لٽيرن جو احتساب ڪنداسين وڏن لٽيرن کان جيڪو پئسو ملڪ ۾ آڻينداسين اهو تعليم تي خرچ ڪنداسين ڪي پي ڪي مان نئون ٽيلينٽ سامهون اچي پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ سپر پاور بڻائينداسين سومر تي ڪرڪ ۾ يونيورسٽي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمرانن مني لانڊرنگ ڪري پئسو ٻاهر موڪليو مني لانڊرنگ جو سمورو پئسو واپس آڻي تعليم تي خرچ ڪنداسين ڪنهن به ملڪ دنيا ۾ تعليم کان سواءِ ترقي ناهي ڪئي هن سال اسان خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ تعليم تي ڏني جڏهن ته اڃا هي ڪافي نه آهي عمران خان چيو ته جڏهن ڀارت کان هارائي لاهور ايئرپورٽ تي پهتس ته ڪسٽم وارن اسان جو سامان ضبط ڪري ڇڏيو ۽ ٻاهر نڪتاسين ته ٽيڪسي ڊرائيورن اسان جي خلاف نعرا هنيا برو وقت اچڻ تي اسان پنهنجي خواب کان هيٺ هليا ويندا آهيون جيستائين ماڻهو هار نٿو مڃي هار ان کي ڪڏهن به نٿي هارائي سگهي جڏهن ته خوف مان نڪرندڙ جدوجهد ڪري ڪامياب ٿي ويندا آهن عمران خان چيو ته 17 تاريخ جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين. هن چيو ته ڏکيو وقت سکڻ لاءِ ايندو آهي عمران خان چيو ته هن وقت تائين ڪي پي ڪي ۾ 100 گرائونڊ ٺاهيا آهن ۽ هر ضلعي ۾ اسپورٽس سينٽر ٺاهينداسين جڏهن ته ڪي پي ڪي مان نئون ٽيلنٽ آڏو آڻي پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ سپر پاور بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *