هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين 2 هزار ميگاواٽ وڌيڪ بجلي متبادل ذريعن مان پيدا ڪنداسين: مراد علي شاهه

اسلام آباد (اي پي پي) سنڌ صوبو سال 2017ع جي ختم ٿيڻ تائين 2 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي متبادل ذريعن مان پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو. ناڻي واري وزير مراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته صوبائي حڪومت شمسي توانائي۽ هوا جي مدد سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان 33 مختلف ڪمپنين کي بجلي جي پيداواري منصوبا شروع رڪڻ لاءِ زمين الاٽ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ هوا ۽ سج جي مدد سان بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن ۽ ايندڙ سلا جي ختم ٿيڻ تائين ان منصوبي جي تڪميل سان 2 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي. جنهن سان توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *