هلندڙ اجلاس ۾ خواجه آصف جي داخلا تي پابندي، هڪ فرد ايوان کي يرغمال نٿو بڻائي سگهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني اجلاس جي ڪارروائي ۾ خلل سبب بڻجڻ تي وفاقي وزير خواجه آصف جي هلندڙ اجلاس ۾ ايوان ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ چيو ته وزير ايوان ۾ نه اچي ۽ لکت ۾ جواب اماڻي، نئين پارلياماني روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايوان کي يرغمال نه بڻجڻ ڏيندس، حڪومتي وزيرن جي معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون، خميس تي سينيٽ جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير پاران 31 ڊسمبر 2015 تي ڏنل بيان تي بحث جيڪو چيف آرمي اسٽاف پاران ڪيل افغانستان جي دوري بابت آهي، ان تي بحث ٿيڻو هو پر اپوزيشن ليڊر سينيٽر اعتزاز احسن اعتراض ڪيو ته وفاقي وزير دفاع ايوان ۾ ناهي ٻڌايو وڃي، بچاءَ واري وزير کي آرمي چيف پنهنجي دوري تي بريفنگ ڏني، يا ڪنهن اسٽاف آفيسر ڏني، انکانپوءِ ئي بحث ۾ حصو وٺندس، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو به بيان ڏنو وڃي ٿو ان جو صحيح ۽ درست هئڻ لازم آهي، ٻڌل ڳالهين تي بچاءَ واري وزير بريفنگ ڏني ته پوءِ اسان ان تي بحث ڪرڻ لاءِتيار نه آهيون، جيڪڏهن ان جو سڌو سنئون آرمي چيف سان دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ته ايوان ۾ ٻڌائي ۽ هو هيءَ وضاحت خود ڪري، ان کانسواءِ ڪوئي نٿو ڏئي سگهي، جنهن تي عابد شير علي اٿي بيٺو ۽ هن چيو ته خواجه آصف مون کي چئي ويو آهي ته بحث شروع ڪرايو وڃي مان پوائنٽس نوٽ ڪندس، جنهن کانپوءِ لکت ۾ ايوان کي جواب کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ چيئرمين سينيٽ چيو ته هڪ فرد ايوان کي يرغمال نٿو بڻائي سگهي، بچاءَ واري وزير کي معلوم هو ته اڄ ڪارروائي ۾ ان بابت ايجنڊا آهي، سيڪريٽريٽ به کيس باقائده طور تي آگاهه ڪيو هو، مان 10 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪريان ٿو ان کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ان دوران حڪومتي ميمبر غور لاءِ ويهي رهيا، هڪٻئي سان صلاح مشورا ڪندا رهيا، ان کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سينيٽر مشاهد الله خان، عابد شير علي، اقبال ظفر جهڳڙا ۽ شيخ آفتاب احمد پنهنجن سينٽن تي اٿي بيٺا ۽ چيو ته مان به وزير کي تلاش نه ڪري سگهيس، ان دوران مشاهد الله خان چيو ته عابد شير علي بچاءَ واري وزير کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مليو جنهن تي چيئرمين سينيٽ چيو ته لکت ۾ جواب ڏيڻ جي نئين پارلياماني روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڳ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو جنهن تي عابد شير علي چيو ته اوهان بحث شروع ڪرايو پوائنٽس وٺون ٿا، بچاءَ وارو وزير ان جو جواب ڏيندو، جنهن تي چيئرمين سينيٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان دوران شيخ آفتاب کان پڇندو رهيو ته هو ڇا ڪري، حڪومتي ميمبرن چيئرمين سينيٽ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته اوهان بحث کي جمعي تائين ملتوي ڪرڻ، بچاءَ واري وزير اچ بحث ختم ڪندو پر چيئرمين سينيٽ آئين جا رولز پڙهي ٻڌائي ان دوران چوڌري تنوير احمد چيو ته چيئرمين سينيٽ هميشه قانون جي بالادستي کي مٿي رکيو آهي ڪجهه معاملا اهڙا هوندا آهن جو ويجها ماڻهو رابطي ناهن هوندا، ملڪ حالت جنگ ۾ آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف دورا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هي بحث جمعي تي ٿي وڃي ته ڪو حرج ناهي، 4 وفاقي وزير موجود آهن، پوائنٽ نوٽ ڪئي ويندي ۽ وزير بچاءَ جواب ڏيندو پر ان دوران اپوزيشن ميمبر نو نو جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا جنهن کانپوءِ چيئرمين سينيٽ چوڌري تنوير کي ويهڻ لاءِ چيو ته ۽ هن رولنگ ڏني ته بچاءَ واري وزير سبب ايوان جي ڪارروائي ۾ رنڊڪ پئي آهي، وزيرن جي عدم موجودگي تي پهريان به ڪيترائي ڀيرا رولنگ ڏئي چڪو آهيان، 31 ڊسمبر تي بچاءَ واري وزير بيان ڏنو جنهن کانپوءِ ايوان فيصلو ڪيو ته ان تي بحث ٿيندو، بچاءَ واري وزير رابطي جو اظهار ڪيو ۽ 2 ڏينهن جو وقت گهريو، هلندڙ اجلاس کان اڳ بچاءَ واري وزير کي آگاهه ڪيو ويو هو، ان کانپوءِ 20 جنوري تي به اطلاع ڏنو ويو هو ته 21 جنوري تي بحث اينجنڊا ۾ شامل ٿيندو، هن چيو ته مان اجلاس جي آغاز ۾ وزيرن جي مصرورفيتن تي 30 منٽ اجلاس ملتوي ڪيو، بعد ۾ 10 منٽن لاءِ معطل ڪيو ۽ هڪ موقعو ان کي ڏنو ته ان سان رابطو ڪري سگهجي پر پاڻي ۽ بجلي جي وزير ٻڌايو ته بچاءَ واري وزير سان ڪو به رابطو نه ٿيو آهي، رولنگ جي مسلسل خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، هن قائدن ۾ موجود اختيار پڙهي ٻڌايا، هلندڙ اجلاس ۾ خواجه آصف جي ايوان ۾ داخلا تي پابندي مڙهي، جنهن کانپوءِ چيئرمين ميان رضا رباني اجلاس جمعي جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *