هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي چين جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي. سينيٽر سراج الحق چيو ته اسان پاڪستاني قوم، عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي عالمي ڪشمير ڪانفرنس گهرائينداسين، اِهو اهم ترين معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري اڄ پنهنجي بقا جي ويڙهه وڙهي رهيا آهن، ڪشمير تي ڀارت جو قبضو قبول ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *