هر پاسي مشين گنون لڳل آهن، ڇا مديني جي رياست اهڙي هوندي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو اِشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خيبرپختونخواهه گورنمنٽ ايڪٽ 2013ع جي شق 39 ۽ 41 تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير ۾ ذڪر ٿيو. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته آئين تي عملدرآمد نه ٿيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين، 14 مهينا گذري ويا آهن مڪاني چونڊون ڇو ناهن ڪرايون ويون، عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏينداسين، ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ پهرين واري دنيا جيان حڪمراني ڪئي پئي وڃي، صوبائي حڪومت جا وڪيل ڇو ٿا ڊڄن ۽ حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهن، توهان عوام جي پيسي سان حڪومت ڪندا آهن ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، توهان جي حفاظت ڪرڻ وارو الله آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ملڪ ۾ هر پاسي وي آءِ پي ڪلچر جي تحت روٽ لڳندا آهن، ڇا مديني جي رياست اهڙي هوندي آهي؟ هر پاسي مشين گنون لڳل نظر پيون اچن، ڪجهه ٿيو ته اِهي سڀ گنون عوام تي ئي هلنديون، ڪشمير تي اليڪشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا پر صوبي ۾ مڪاني چونڊون نه پيا ڪرائن، ڇا صوبي ۾ عوام جا حق ناهن، مڪاني چونڊون نه ڪرائي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيون پيو وڃي، هر پاسي ماڻهو شاهي زندگي گذاري رهيا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي ڏاڍو مصروف آهي، عوام جي پيسي مان پگهار کڻندا آهن، هن جو عدالت ۾ پيش سندس ذميواري آهي. ڪي پي حڪومت طرفان شق 39 ۽ 41 بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت اطمينان جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته لوڪل گورنمنٽ جي شين جي تفصيل اپ لوڊ ڪئي وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *