هر وقت مقابلي لاءِ تيار آهيون ، ڄاڻو ٿا ته محترما جي عزت ڪيئن ٿا وڌائي سگهون؟ مخالفن جا نالا کڻڻ جي ضرورت ناهي: نثار کهڙو

نئون ديرو(رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته اسان هر وقت مقابلي لاءِ تيار آهيون ۽ ڄاڻو ٿا ته محترما جي عزت ڪيئن ٿا وڌائي سگهون؟ مخالفن جا نالا کڻڻ جي ضرورت نه آهي جيڪي آمرن جي بغلن جا ٻار هئا، اهي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا پر نالو صرف بلاول ۽ آصف علي زرداري جو رهندو. هن چيو ته اڄ اسين شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان وانگر اوهان کي به شهيد محترما بينظير ياد اچي رهي آهي، هن پنهنجي جان عوام لاءِ قربان ڪئي، اهڙي بينظير جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي. اسان هر دفعي ڳڙهي خدابخش ڀٽو اينداسين جيسيتائين شهيدن کي انصاف نه ملندو ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم نه بڻائينداسين، تيسيتائين سُک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته اسان اڃا وڌيڪ رڪارڊ رکنداسين، الله سائين پاڪستان ۽ سنڌ کي خوشحال رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *