هر معاملي تي قانون صرف سنڌ لاءِ آهي، باقي صوبن لاءِ فيصلا الڳ ڪيا وڃن ٿا: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ ۽ صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ڪورٽ جي فيصلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هر معاملي تي قانون صرف سنڌ لاءِ آهي باقي صوبن لاءِ فيصلا جدا ڪيا وڃن ٿا، جڏهن وفاق ٽنهي صوبن ۾ صلاحڪار رکي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ پابندي ڇو مڙهي وئي آهي، اسان عدالت جو احترام ڪريون ٿا ۽ ان جي هر فيصلي تي دل سان عمل ڪنداسين پر صلاحڪارن جي مقرري غير آئيني ڪيئن آهي اسان کي سمجهايو وڃي، مان اڄ تائين پ پ لاءِ عدالت وٽان خوش خبري نه ٻڌي، پهريان عدالت وقت تي انصاف ڪري، ڏاڏو ڪيس ڪري ٿو ۽ پوٽو وڙهي ٿو، اپيڪس ڪميٽي ۾ مرتضي2 وهاب عدالت ۾ ڪيسن جي موڪل جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي جنهن جي ان کي سزا ڏني وئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سينيٽر سعيد غني به ساڻس گڏ هو، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب معاون خاص ۽ صلاحڪار ڪابينا اجلاس ۾ نٿا ويهي سگهن، مقرري مرتضيٰ وهاب جي چئلينج ڪئي وئي هئي پر فيصلو سڄي حڪومت خلاف ڏنو ويو آهي، فيصلي کي پسند يا نه پسند ڪرڻ جو اختيار ماڻهن وٽ آهي، ان لاءِ اپيل جو حق به آهي، هن چيو ته آئين ڪنهن شخص کي صوابديدي اختيار ڏنا آهن ته ڪو ٻيو ڪيئن اختيار ڪري سگهي ٿو، آئين جو مخصوص علائقن ۾ مخصوص چهرو نظر اچي ته اها سٺي ڳالهه نه آهي، ٻين صوبن لاءِ فيصلا ڪجهه ٻيا ۽ سنڌ ۾ ڪجهه ٻيا ٿين ٿا، ڇا آئين جو اهڙي طرح سان اطلاق صرف سنڌ لاءِ آهي، هن چيو ته صلاحڪارن جي مقرري غير آئين ڪيئن آهي، اسان کي ٻڌايو وڃي، اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نه آهيون پر جيڪو معاملو عدالت ۾ آندو ئي نه ويو ان تي فيصلو اچڻ حيرت جي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *