هر قتل جا 5 هزار ملن ٿا: 19 ماڻهن جي قاتل ٽارگيٽ ڪلر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي خواجه اجمير نگري مان گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ ماڻهو کي قتل ڪرڻ جا 5 هزار روپيا ملن ٿا. ڪراچي جي علائقي خواجه اجمير نگري مان گرفتار ٽارگيٽ ڪلر طاهر ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. گرفتار ٽارگيٽ ڪلر موجب قتل ڪرڻ جا حڪم ۽ پئسا عثمان نالي شخص ڏيندو هو. واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ موٽرسائيڪل عثمان فراهم ڪندو هو. عثمان وٽ درجنين ٽارگيٽ ڪلر آهن جن کان هو ڪم وٺي ٿو گرفتار جوابدار جو چوڻ هو ته واردات کانپوءِ علائقي ۾ روپوشي اختيار ڪندا هئاسين. جوابدار 4 پوليس اهلڪارن سميت 19 ماڻهن جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *