هدف وڏو هجڻ ۽ تيز کيڏڻ سبب ميچ هارائي وياسين:ڪپتان اظهر علي

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ ۾ شڪست اچڻ تي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته هدف وڏو هو، ميچ کٽڻ پي چاهيون پر تيز کيڏڻ سبب وڪيٽيون وڃايون. هملٽن ٽيسٽ ۾ 138 رنسن جي فرق سان ايندڙ شڪست تي هن چيو ته نيوزيلينڊ جي بالرن ٻي نئين بال سان سٺي بالنگ ڪئي. ڪيوي ڪپتان ڪين وليم سن چيو ته ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان سٺي بيٽنگ ڪئي، ميچ جو ٽاس هارجڻ کانپوءِ ٽيم بالرن لاءِ سازگار وڪيٽ تي 270 رنسون ٺاهيون، جنهن ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *