هدايتڪاري جو شعبو اختيار ڪرڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ناهي: اڪشي ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته هدايتڪاري جي شعبي ۾ قدم رکڻ جو سندس ڪو ارادو ناهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ ۾ 2 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان اداڪاري ڪندڙ اڪشي ڪمار چيو ته هو اداڪاري ۽ پروڊڪشن مان خوش آهي. هن چيو ته هدايتڪاري جي شعبي ۾ قدم رکڻ جو سندس ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته هو مختلف ۽ سبق ڏيندڙ ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اڪشي ڪمار چيو ته هدايتڪار ۽ ڪوريو گرافر پرڀو ديو زبردست انسان آهي ۽ هن سان فلم سنگهه از بلنگ ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *