هدايتڪاري جو تجربو به ڪامياب رهيو: نور

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم اسٽار نور جو اداڪاري سان گڏوگڏ ڊائريڪشن جو تجربو پڻ ڪامياب رهيو۽ هوءَ ٻيهر به ڊائريڪشن جو ارادو رکي ٿي. نور هدايتڪاره طور پنهنجي نئين فلم ”عشق پازيٽو“ مڪمل ڪري ورتي اهي. هن چيو ته هوءَ وڌيڪ فلمون ڊائريڪٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي. نور چيو ته انسان جي اندر جيڪو به ٽيلنٽ هجي، ان کي موقعو ملڻ تي ان جو اظهار ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته مان فلم جي دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي. نور جون هلندڙ سال اداڪاره طور ”خدائي ذوالجلال“ جڏهن ته اداڪاره ۽ هدايتڪاره طور ”عشق پازيٽو“ نالي فلمون رليز ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *