هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر ۾ واٽر بورڊ جي زمين جي چائنا ڪٽنگ ۽ غيرقانوني وڪرو جي معاملي جي چئن هفتن ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ هن ڪيس ۾ گرفتار چنو مامون جو فرنٽ مين سرڪاري آفيسر ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي پراسيڪيوٽر نيب موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي زمين شهري انتظاميه ڪي ايم سي الاٽ ڪري ڇڏي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته هتي ويچارا بڻجي اچن ٿا ان جو وس هلي ته قبرستان به کپائي ڇڏين. ڪلفين وارن جي اڪائونٽ مان ڪروڙين رپيا نڪري رهيا آهن اهو وقت پري نه آهي جڏهن هن شهر ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي جوابدارن جي وڪيل موقف ڏنو ته هن زمين جو ديواني ڪيس به التوا هيٺ آهي چيف جسٽس چيو ته هر جڳاڙي پلاٽ ۾ ديواني ڪيس آهي ان ۾ اسٽي آرڊر به هوندو آهي ۽ 2-2 سال ڪيس نٿو هلي عدالت نيب کي چئن هفتن ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *