سريلنڪن فاسٽ بالر نووان ڪولاسيڪرا رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي فاسٽ بالر نووان ڪولاسيڪرا به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رانديگرن جي رٽائرمينٽ جو موسم شروع ٿي ويو آهي ۽ لسٿ ملنگا رٽائرمينٽ کانپوءِ هڪ ٻيو سريلنڪن ڪرڪيٽر ڪولاسيڪرا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سريلنڪن فاسٽ بالر نووان ڪلاسيڪرا آخري ڀيرو جولاءِ 2017ع ۾ سريلنڪن ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي، کيس ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پنجين سريلنڪن بالر جو اعزاز حاصل آهي، هن 184 ميچن ۾ 199 وڪيٽون وٺي رکيون هيون.ڪولاسيڪرا 2003ع تي ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ نئين بال کي ٻنهي طريقن سان سوئنگ ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري سڃاتو ويندو هو، 2009ع ۾ هن ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ دنيا جو هڪ نمبر بالر جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو، ان سريلنڪن ٽيم جو به حصو هو جنهن 2014ع ۾ ٽي ٽوئنٽي جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *