هاڻ احساس ٿي رهيو آهي ته مسلمان هجڻ سبب ڀارتي ۾ وڌيڪ نٿو رهي سگهان:نصيرالدين شاهه

 

نئين دهلي(شوبز نيوز) مشهور اداڪار نصيرالدين شاهه شهريت جي تڪراري بل تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته منهنجي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو ڀارتي فوج ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪا آهن. ڪڏهن به سوچيو نه هو ته اسان مسلمان آهيون، پر هاڻ احساس ٿيڻ لڳو آهي ته مان مسلمان ٿي ڀارت ۾ نٿو رهي سگهان.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان 70 سال ڀارت ۾ گذاريا ۽ ڪم ڪيو آهي ڇا اهو ثابت نٿو ڪري ته مان به ڀارتي آهيان.؟ مشهور اداڪار چيو ته موجوده صورتحال کي ڏسي مان ڊڄي ويو آهيان پر ڏک ۽ ڪاوڙ ضرور آهي. فلم انڊسٽري ۾ نوجوان اداڪارن ان تڪراري قانون جي خلاف آواز اٿاريو آهي پر خبر ناهي ڇو وڏا فلمي اداڪار ان صورتحال تي خاموش ڇو آهن.؟هن چيو ته مان حيران آهيان ته اسان جي ملڪ ۾ ايتري نفرت ڪٿان آئي آهي. وزيراعظم نريندر مودي پاڻ نفرت ڦهلائي ٿو ۽ نفرت ڦهلائيندڙن جي پيروي به ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان قانون ۽ حڪومت جي خلاف احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اوهان کي قتل ڪيو ويندو.هن چيو ته روڊن ۽ شهرن جو نالو بدلائي ڇا ثابت ڪيو پيو وڃي.؟ مغلن ۽ ٻين مسلمان حڪمرانن کي ولين بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مودي حڪومت نفرت سان ڀريل آهي هي ماڻهو هاڻ اعلان ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جي حصي ۾ موجود ڪشمير تي به قبضو ڪري وٺندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *