هاڻي ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس وصولي جو طريقيڪار اسان طئي ڪنداسي: سپريم ڪورٽ

لاهور (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سڄي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن جي فيسن جا ڪيس سپريم ڪورٽ ٽرانسفر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آبزرويشن ڏني آهي ته اڄ کان پوءِ ميڊيڪل ڪاليجن جي فيس اڳاڙي جو طريقو سپريم ڪورٽ طئي ڪندي جڏهن ته چيف جسٽس وڌيڪ فيس گهرڻ تي عدالت کي آگاهه ڪندڙ عورت وڪيل کي ٽيليفون ڪال ڪندڙ فيصل آباد ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فريد ظفر کي توهين عدالت تي معطل ڪندي اڄ خميس تي جواب طلب ڪري ورتو سمورن خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کان ستن ڏينهن ۾ ڪاليجن جو اسٽريڪچر ليب بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن بابت لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن مقرر مدي ۾ تفصيل فراهم نه ڪيو ويو ته هڪ لک رپيا ڏنڊ هوندو سپريم ڪورٽ انتظاميه کي وڌيڪ نون ميڊيڪل ڪاليجن جي منظوري ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو اربع تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن پاران ڳرين فيسن جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌني ڪئي عدالتي حڪم تي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جو چيف ايگزيڪيوٽ ۽ مالڪ عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته فاطمه ميموريل ميڊيڪل ڪاليج جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ مالڪ پيش نه ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مون کي ڪالهه ٻڌايو ويو هو ته 6 لک 64 هزار رپيا فيس ورتي پئي وڃي پر اڄ خبر پئي ته خانگي ميڊيڪل ڪاليج 9 لک کان وڌيڪ فيس وٺي رهيا آهن مون کي اڄ خبر پئي ته هر خانگي ڪاليج فيسن ۽ ميرٽ جو پنهنجو معيار بڻائي رکيو آهي چيف جسٽس راشد لطيف ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت بابت ايل ڊي اي کان وضاحت طلب ڪندي چيو ته رهائشي علائقي ۾ ڪيئن ڪاليج ٺاهيو ويو آهي چيف جسٽس خانگي ميڊيڪل ڪاليج جي مالڪن سان مخاطب ٿيندي چيو ته پهريان ته ميڊيڪل جا شاگرد هڪ ئي هنڌ اسپتال ۾ مريض ڏسندا هئا ڇا اوهان هاڻي بسن ۾ شاگردن کي کڻي مريض ڏيکاريو ٿا وقت اچي ويو آهي ته اسان هن قوم کي ڪجهه واپس ڪيون چيف جسٽس سڄي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن جي فيسن جا ڪيس سپريم ڪورٽ ٽرانسفر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آبزرويشن ڏني ته اڄ کان پوءِ ميڊيڪل ڪاليجن جي فيس وٺڻ جو طريقو سپريم ڪورٽ ڪندي ۽ آئينده سپريم ڪورٽ پاران طئي ٿيل فيس ئي ورتي ويندي. 5-5 ڪروڙ وٺي ڪاليجن جو الحاق ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڄڪلهه جي ڊاڪٽرن کي بليڊ پريشر چيڪ ڪرڻ نٿو اچي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڇي ته هڪ ساگرد کان ساليانو ڪيتري فيس ورتي وڃي ٿي جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ساليانو هڪ شاگرد کان 18 لک رپيا ورتا وڃن ٿا چيف جسٽس چيو ته لاهور ميڊيڪل ڪاليج جي بئنڪ اڪائونٽ جو تفصيل پيش ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پرڏيهي شاگردن کان ڪيتري فيس ورتي وڃي ٿي جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته پرڏيهي شاگردن کان 18 لک رپيا ساليانو فيس ورتي وڃي ٿي فاضل عدالت ڪانٽينيٽل ميڊيڪل ڪاليج اختر سعيد ميڊيڪل ڪاليج کي به سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو چيف جسٽس حڪم ڏنا ته اسان ان ڪاليج جو قدر ڪيون ٿا جيڪو معياري تعليم ڏيئي رهيو آهي عدالت کي خبر هئڻ گهرجي ته حڪومت هڪ ڊاڪٽر تي ڪيترو خرچ ڪري رهي آهي ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن وارا ڇا ڪري رهيا آهن عدالت کي اوهان ماڻهو بهتر ٻڌائي سگهون ٿا ته معاملن کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌني دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي حڪم ڏنو ته جيڪا پوائنٽ نوٽ ڪري رهيا آهيو اها خادم اعليٰ کي ڏيو ٻڌني دوران عورت وڪيل انجم امين عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪتر فريد ظفر ان جي مائٽ جي داخلا لاءِ وڌيڪ فيس گهري هئي ۽ گذريل ڏ ينهن ڊاڪٽر فريد ظفر بابت عدالت کي آگاهه ڪيو ويو هو جنهن تي مون کي پنجاب جي گورنر جي پٽ سميت وڏن وڏن ماڻهن جا فون آيا چيف جسٽس چيو ته ڪيئن جرئت ٿي سگهي ٿي ته گورنر جو پٽ اوهان کي فون ڪري عدالت پنجاب جي گورنر جي پٽ کي طلب ڪندي چيو ته قانون ۾ ڏسو ته پنجاب جي گورنر کي طلب ڪرڻ جي ڇا گنجائش آهي جنهن کان پوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ٻيهر ٻڌني شروع ٿيڻ تي عورت وڪيل ٻڌايو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر فريد  ظفر ميسيج ۽ ٽيليفون ڪاليز ڪيون وائيس چانسلر ڊاڪٽر فريد ظفر عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته ٽيليفون ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ڪئي هئي عدالت وائيس چانسلر فيصل آباد يونيورسٽي فريد ظفر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته عورت کي فون ڪئي يا نه اوهان يونيورسٽي جا وائيس چانسلر بڻجي پاڻ کي فيصل آباد جو گورنر سمجهي رها آيو اوهان جو اڄ تائين ڪنهن جج سان واسطو ناهي پيو منهنجي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ جي جرئت ڪيئن ٿي ڪيئن اوهان عدالت جي حڪم کي نظرانداز ڪيو چيف جسٽس فيصل آباد ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس چانسلر کي عدالت جي توهين تي معطل ڪندي اڄ تائين جواب طلب ڪري ورتو عورت پاران حراسان ڪرڻ جي خدشي جو اظهار ڪرڻ تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن حراسان ڪيو ته ساهه ڪڍي ڇڏيندس، مذاق آهي جو عدالت ۾ معاملو هجي ۽ ڪوئي حراسان ڪري چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ڇا تعليم کي پئسن سان مشروط ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين جيڪي ڪاليج معيار تي پورو نه لهندا انهن کي بند ڪرائي ڇڏيندس غير معياري ڪاليجن تي ايترو ڏنڊ وجهندس جو ڪاليجن جا مالڪ پنهنجا گهر کپائيندا پوءِ ڏنڊ ادا نه ڪري سگهندا شريف ميڊيڪل ڪاليج پاران ڪوبه عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ترت فون ڪري معلوم ڪيون ته شريف ميڊيڪل ڪاليج جي نظام کي هن وقت ڪير هلائي رهيو آهي جنهن جي حوالي هي نظام آهي ان کي سمن جاري ڪري گهرائينداسين فاطمه ميموريل ميڊيڪل ڪاليج جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ مالڪ پيش نه ٿيا سپريم ڪورٽ انتظاميه کي وڌيڪ نون ميڊيڪل ڪاليجن جي منظوري ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو جڏهن ته عدالت فاطمه ميموريل ميڊيڪل اينڊڊينٽل ڪاليج ۽ لاهور ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي به نون داخلائن کان به روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس سمورن خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي ستن ڏينهن ۾ حلفي بيانن سان ڪاليجن جو اسٽريڪچر فئڪلتي ليب بئنڪ اڪائونٽس سهولتون متعلق لکت رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مقرر وقت ۾ تفصيل فراهم نه ڪندڙن کي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو فاضل بئنچ وڌيڪ ٻڌڻي اڄ خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.+

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *