هاڻوڪي حڪومت جي ڪوششن کانپوءِ لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ وارو واعدو پورو ٿيندو نظر پيو اچي: نوازشريف

جهنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نوزشريف چيو آهي ته پرويز مشرف جي دور کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي پر هاڻوڪي حڪومت جي ڪوششن کانپوءِ لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ وارو واعدو پورو ٿيندو نظر پيو اچي. جهنگ جي علائقي حويلي بهادر شاهه ۾ گئس پائيپ لائين رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي، وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مئسلو بجلي جي کوٽ آهي، جنهن تي 2017ع يا 2018ع تائين ضابطو آندو ويندو، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو معاملو 10 سال اڳ حل ٿيڻ گهرجي ها پر ان جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، پرويز مشرف جي وقت کان ملڪ ۾ لوڊشِڊنگ ٿي رهي آهي ۽ 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيڻ وڏي ڪاميابي هوندي.سندس چوڻ هو ته ترقياتي رٿائن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو آهي پر ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته حڪومت ڪم نٿي ڪري، پوري ملڪ ۾ ترقياتي رٿائون شروع ڪرڻ ڪم ناهي ته پوءِ ڇا آهي، ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندڙ ڏسن  ته ملڪ ۾ امن قائم ٿي رهيو آهي، مٽائي اڏائڻ وارا اڄ به موجود آهن، اهي مٽي اڏائيندا رهندا ۽ اسان منزل تائين پهچنداسين، هن ملڪ ۾ خوشحالي اچڻ گهرجي، ڪيستائين خوشين لاءِ سڪندا رهنداسين ۽ ڪيستائين راند روند ۾ لڳا پيا هونداسين، سندس چوڻ هو ته تنقيد ڪندڙن کي شايد ٻيو ڪجهه به نٿو اچي، پاڪستان جي عوام موقعو ڏنو آهي، انهن جي خدمت ڪنداسين ۽ عوام ڏسندو ته خدمت سان پاڪستان جو نقشو ئي مٽجي ويندو. ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪنداسين ۽ ملڪ ترقي ڏانهن وڌندو.وزيراعظم نوازشريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي اڳيان وڌڻ گهرجي، ڪراچي جون روشنيون ٻيهر موٽن پيون، جتي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار هٿي وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ڪاروباري ماڻهو ڪراچي ۾ امن کان اڳ سيڙپڪاري لاءِ دبئي ۾ ملندا هئا پر هاڻي هو ڪراچي اچڻ شروع پياڪن. سندس چوڻ هو ته هڪ هڪ پئسي کي قوم جي امانت سمجهون ٿا، اهو ئي ڪارڻ آهي جو حڪومت 93 ارب رپين جي رٿا کي 55 ارب ۾ لڳايو، ايترو ئي نه پر ٽن ٻين رٿائن تي به گڏيل طور تي 110 ارب رپين جي پاڇي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *