هاڪي ورلڊ ليگ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي هڪ جي مقابلي 6 گولن تان هارائي ڇڏيو

بيلجيم (اسپورٽس نيوز) بيلجيم جي شهر انٽيراپ ۾ هلندڙ هاڪي ورلڊ ليگ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي هڪ جي مقابلي 6 گولن تان هارائي ڇڏيو. هاڪي ورلڊ ليگ جي پول اي جي ميچ ۾ آسٽريليا پهرين ڪوارٽر جي 9 منٽ ۾ ويٽن جيڪب جي گول سبب سرسي ماڻي. پر سندن اها سرسي گھڻي دير تائين برقرار نه رهي سگھي ۽ چئن منٽن کان پوءِ محمد عرفان پينلٽي ڪارنر تي گول ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. ٻئي ڪوارٽر ۾ ڪا به ٽيم گول ڪري نه سگھي. پر ان کان پوءِ پاڪستان تي آسٽريليا هڪ ٻئي پويان حملا شروع ڪيا. ٽئين ڪوارٽر ۽ چوٿين ڪوارٽر ۾ آسٽريلين ٽيم ڇانيل رهي. ٽئين ڪوارٽر جي شروع ۾ ڊينيئل بيل گول ڪري آسٽريليا کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسي ڏياري، جڏهن ته ڪوارٽر جي پڄاڻيءَ کان پهريان ميٿيو سوان گول ڪري سرسي 3-1 ڪري ڇڏي. ڇوٿين ۽ آخري ڪوارٽر ۾ آسٽريلين ٽيم جي خطرناڪ حملن جو پاڪستاني ٽيم وٽ ڪو جواب نه هو ۽ آسٽريليا وڌيڪ ٽي گول ڪري ميچ هڪ جي مقابلي ڇهن گولن تان کٽي ورتي. پاڪستان پنهنجو ايندڙ ميچ جمعي تي روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *