هاڪي رانديگرياڻي وارو ڪردار چيلينجنگ آهي:عاليا ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته اڙتا پنجاب ۾ سندس هاڪي رانديگرياڻي وارو ڪردار چيلينجنگ آهي ۽ هن اسڪرين تي پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، 23 ورهين جي عاليا ڀٽ اڙتا پنجاب ۾ پناهگير بهاري مزودرياڻي جو ڪردار ڪري رهي آهي، جيڪا هاڪي جي رانديگرياڻي به آهي، ممبئي ۾ فلم جو هڪ گانو رليز ڪرڻ واري تقريب  ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عاليا ڀٽ چيو ته اڙتا پنجاب تمام گهڻي ڏکي ۽ ذهني طور ٿڪائيندڙ فلم آهي،مان زخم رسڻ کانپوءِ به شوٽنگ جاري رکي، جڏهن ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پهرين مان هاڪي جي سکيا به ورتي، جنهن لاءِ ڪنهن به ماڻهو کي سالن جي پريڪٽس گهربل هوندي آهي، سندس چوڻ  هو ته هڪ اداڪارا طور مان رڳو اهو سمجهڻ پئي چاهيو ته هاڪي ڪيئن کيڏي ويندي آهي،جيڪو مان ڪوچ ۽ شاگردياڻين جي مدد سان سمجهي ورتو، عاليا چيو ته مان هاڪي کيڏڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪئي،ان لاءِ مونکي ٿوري طاقت ۽ زور به لڳائڻو پيو، جيڪو ڪردار لاءِ تمام ضروري هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *