هاڪي جي رانديگرن کي نه نوڪريون آهن، نه ئي ڪو ڪانٽريڪٽ، حب الوطني ڪيستائين ڪم ايندي؟ ڪوچ شهناز شيخ

لاهور(اسپورٽس نيوز):قومي هاڪي ٽيم جي ڪوچ شهناز شيخ پنهنجي رپورٽ ۾ عالمي هاڪي ليگ ۾ ناڪامي جو ڪارڻ مالي مسئلن کي قرار ڏنو آهي. عالمي هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جي شرم جوڳي شڪست جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ  وزيراعظم جي هدايت هيٺ جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ شهناز شيخ جو چوڻ هو ته هاڪي جي رانديگرن کي نه ته نوڪريون آهن ۽ نه ئي ڪو ڪانٽريڪٽ، حب الوطني ڪيستائين ڪم ايندي؟ رانديگر ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ به نه پئي ويا، پر هو منهنجو احترام ڪندي ويا. هن چيو ته 6 مهينا پهرين ڪميٽي جوڙي وڃي ها ته هي سونامي نه اچي ها، ڪوئي ٻلي جي راند ٻيهر شروع ٿي ته هاڪي جو ڪو فائدو نه ٿيندو. پنهنجي استعيفيٰ بابت شهناز شيخ چيو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن سان سندس 2016ع تائين ٺاهه ٿيل آهي، ان ڪري هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏيندو. ان کان اڳ شهناز شيخ پنهجي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اولمپڪ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ مقرر وقت تي نه وڃي سگهياسين، جنهن ڪري 5 ميچون مس ٿيون، رانديگرن جي مالي ۽ نفسياتي مسئلن راند تي ناڪاري اثر وڌا ۽ انهن گول ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا وڃايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *