هالي ووڊ جا سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ستارا

نيويارڪ(شو بز نيوز) هالي وو جو شمار دنيا جي وڏي فلم انڊسٽريشن ۾ ٿيندو آهي جتي فلمون نه صرف اربن جو بزنس ڪنديون آهن پر هتي ڪم /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 22

ڪندڙ فنڪار به ڪروڙن ۾ ڪمائيندا آهن، جڏهن ته مشهور شخصيتن جي آمدني جو دارومدار صرف فلمن تي ناهي هوندو پر انهن ۾ مختلف اشتهار ۽ مختلف برانڊز سان گڏ پارٽنرشپ ۽ پننهنجي بزنس جي آمدني به شامل هوندي آهي.هالي ووڊ جي ريئٽي ٽي وي سپر اسٽار، سوشل ميڊيا پرسناپلٽي ۽ ميڪ اپ برانڊ ڪائلي ڪاسميٽڪس جي مالڪياڻي ڪائلي جينر دولت ڪمائڻِ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، ڪائلي جينر جي سالياني آمدني هڪ بلين ڊالر آهي ڪائلي اها دولت صرف 21 سالن جي ڄمار ۾ ڪمائي آهي ۽ فوبز موجب هوءَ هڪ بلين ڪمائيندڙ سڀ کان ننڍي عمر جي سيلف ميڊ عورت آهي. آمريڪي ماڊل، اداڪارا، ٽاڪ شو ميزبان ۽ ٽي وي پروڊيوسر اوپرا ونفري جي باري ۾ مشهور آهي ته هوءَ جنهن شئي کي هٿ لڳائيندي آهي اها سون بڻجي ويندي آهي، اوپرا جو شمار آمريڪا جي آفريڪن آمريڪن دولت مند شخصيتن ۾ ٿيندو آهي جڏهن ته هوءَ پهرين ڪاري نسل جي ارب پتي عورت آهي، اوپرا جي سالياني آمدني 2.5 بلين آهي.آمريڪا جي مقبول ترين ڳائڻي، شاعرا، اداڪارا، هدايتڪارا، رڪارڊ پروڊيوسر ۽ ڊانسر بيونسي جي سالياني آمدني 355 ملين ڊالرز آهي، جتي بيونسي ساليانو اربين ڪمائيندي آهي اتي ئي هوءَ پنهنجي دولت کي مهانگين شين تي خرچ ڪرڻ لاءِ به مشهور آهي، بيونسي کي ملٽي ملينر ڊالر مينشن جي حوالي سان به سڃاتو ويندو احي، جڏهن ته هوءَ مهانگي بيوٽي ٽريٽمينٽ ۽ شاهاڻيون موڪلون گذارڻ تي به تمام گهڻو پيسو خرچ ڪندي آهي، ان کان علاوه بيونسي بالي ووڊ جي سلمان خان جيان مهانگا تحفا ڏيڻ جي حوالي سان به شهرت رکي ٿي.هالي ووڊ سپر اسٽار ليونارڊو ڊي ڪيپريو جي سالياني آمدني 245 ملين ڊالرز آهي، ليونارڊو پنهنجي ڪيريئر جي شروعات سٽ ڪام گروئنگ پين سان ڪئي هئي، کيس 1993ع ۾ رليز ٿيل ڊراما فلم وهاٽ ايٽنگ گلبرٽ گراف ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ تي آسڪر لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، جڏهن ته ليونارڊو کي پوري دنيا ۾ شهرت 1997ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ٽائيٽينڪ مان ملي.ڪوئين آف ڪنٽري ميوزڪ جي نالي سان سڃاتي ويندڙ ناليواري آمريڪي ڳائڻي، شاعرا، رڪارڊ پروڊيوسر، اداڪارا ۽ بزنس وومين ڊولي پارٽن 1967ع ۾ البم هيلو آءِ ايم ڊولي سان ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي هو ڪيترن ئي سالن تائين ميوزڪ چارٽ تي به پوزيشن تي رهي، ڊولي جي سالياني آمدني 500 ملين ڊالرز آهي. هالي ووڊ سپر اسٽار جاني ڊيپ کي ڪير نه ٿو سڃاڻي پر جاني ڊيپ ساليانو ڪيترو ڪمائيندو آهي اها ڳالهه هر ڪو نه ٿو ڄاڻي، ٻارن ۽ وڏن ۾ هڪ جيترو مقبول ڪيپٽن جيڪ اسپيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار جاني ڊيپ جي آمدني 200 ملين ڊالرز آهي.سينڊرا بلاڪ جو شمار هالي ووڊ جي انهن 20 اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جن 30 سالن جي عمر ۾ سڀ کان وڌيم آمدني وارين ادڪارائن جو اعزاز حاصل ڪري ورتو هو، سينڊرا جي آمدني 200 ملين ڊالرز آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *