هالي ووڊ اداڪار گوڊفري گائو شوٽنگ دوران فوت

 

ڪراچي (شوبز نيوز) تائيوان ڄائو ڪينيڊين اداڪار ۽ ماڊل 35 سالن جو گوڊفري گائو هڪ ريئلٽي شو جي شوٽنگ دوران اوچتو ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو. گوڊ فري گائو ڪيريئر جي شروعات ماڊل طور ڪئي ۽ کيس اهو اعزاز به حاصل هو ته هو ڪنهن اولهه برينڊ ۾ مشهوري لاءِ چونڊجندڙ پهريون ايشيائي ماڊل هو. گوڊ فري گائو هالي ووڊ فلمن ۾ ڊيبيو ڪيوهو ۽ هن هيل تائين هڪ فلم ۾ ڪيو هو. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گوڊ فري چين جي مشهور ريس چيمپئن ريئلٽي شو ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ۽ شوٽنگ دوران اوچتو ڪري پيو. رپورٽ موجب گوڊ فري گائو ريئلٽي شو جي ڊوڙ واري سيگمينٽ لاءِ رڪارڊنگ ڪرائي رهيو هو ته ڪري پيو ۽ حياتي وڃائي ويٺو. ريئلٽي شو انتظاميا طرفان جاري ڪيلبيان موجب ڊوڙ شروع ڪرڻ کان اڳ گوڊ فري گائو بلڪل خوش هو ۽ پراطمينان هو جڏهن ته ڊوڙ شروع ڪرڻ کان ڪجهه دير کانپوءِاوچتو ڪري پيو ۽ حياتي وڃائي ويٺو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *