ن ليگ کي تڪبر جو نتيجو ملي ويو، خان صاحب هاڻي اوهان جو نمبر آهي: پيپلز پارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول هائوس ترجمان چيو آهي ته پوري قوم کي خبر آهي ته نواز شريف بعد عمران خان جو وارو آهي، ايندڙ واري آصف زرداري جي ضرور آهي پر حڪومت ڪرڻ جي، عمران خان پنهنجو خير گهري ڇو ته 62 ۽ 63 هاڻي ان طرف اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف بيان تي ردعمل ڏيندي بلاول هائوس ترجمان جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پاڪستان جو نيلسن منڊيلا آهي ۽ ان کي ڪٺ پتلي جي ڪا پرواهه ناهي، ترجمان چيو بيرسٽر مرتضيٰ وهاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنهن احتساب کي آصف زرداري منهن ڏنو، موجوده سياسي دور ۾ ان جو مثال نٿو ملي، آصف زرداري ساڍا 11 سال جيل ڪاٽي انهن ئي عدالتن مان آزاد ٿي چڪو آهي، آصف زرداري جي زبان ڪٽي وئي ۽ ان تي سخت تشدد ڪيو ويو پر ڪو ثبوت سامهون نه آيو، بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان بدحواسي ۾ بيان ڏيڻ بند ڪري، عمران خان اهو تاثر ڏيڻ ڇڏي ڏئي ته ملڪ جا سڀ ادارا ان جي مٺ ۾ بند آهن.پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعظم آزاد ڪشمير کي ذميداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته راجا فاروق حيدر کي اڃا ڪاوڙ آهي، هن چيو ته فاروق صاحب ڪشمير پاڪستان آهي پر پاڪستان ميان صاحب ناهي، هن چيو ته عمران خان کي قوم کي خطاب ڪرڻ  جي جلدي آهي، پيپلز پارٽي جو پيڇو ڪندي ڪندي ضياءُ الحق ويو، مشرف ملڪ مان هليو ويو، ن ليگ کي تڪبر جو نتيجو ملي ويو، عمران خان صاحب هاڻي اوهان جو نمبر آهي، عمران خان به پيپلز پارٽي جو پيڇو ڪرڻ جو پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي، مون چيو هيو ته عمران خان کي جلدي ۽ نواز شريف کي تڪبر آهي، هن چيو ته عرمان خان کي جيڪڏهن پيپلز پارٽي سان مقابلي جو شوق آهي ته اچي شوق پورو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *