(ن) ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته (ن) ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري. خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ چيو ته ن ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، ڦورو ليگ احسن انداز ۾ ڪوڙ جا اقبال بلند ڪري رهي آهي، توهان جي قيادت جا سمورا اڪائونٽ ئي پرڏيهه ۾ آهن، واپار ۽ علاج به فارن ۾ آهي، پاناما جي ڪرپشن ۽ ڪاري ڪماني جا انبار قوم ناهن وساريا. خاص مددگار چيو ته عدالتي سزا يافته کي معصوم ثابت ڪرڻ جي لاءِ عمران خان جي امانت ۽ ديانت تي آڱر کڻي احسن اقبال گناهه گناهه گار ٿي رهيو آهي. فردوس عاسق اعواڻ وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيو، سپريم ڪورٽ توهان تي حملو ڪيو ۽ بريف ڪيسن جي چمڪ توهان کي ڏيکاريندا رهيا، اڄ نئين ويس ۾ ٻيهر قوم کي ڌوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، احسن صاحب توهان جنهن مشن ٽوئنٽي 20 تي آهيو اُهو پورا ناهي ٿيڻ وارو.  بعد ۾ سيال ڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته نواز شريف جي صحت کي ڪهڙا ڪهڙا خطرا لاڳو آهن، هن علاج جي نالي تي ايئر ايمبولينس گهرائي ۽ چارٽرڊ جهاز ۾ ويهي رهيو، جيڪو شخصي ملڪ کي نقصان رسائي ان کي معاف ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، قوم اميد ڪري ٿي ته علاج کان پوءِ ميان نواز شريف واپس اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *