ن ليگ پاران وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ ٻين خلاف برطانوي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) (ن) ليگ برطانوي اخبار جي خبر تي وزيراعطم عمران خان خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ ٻين جي خلاف برطانوي عدالت ۾ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شهزاد اڪبر جو ڪم پريس ڪانفرنس ڪرڻ نه آهي ثبوت پيش ڪري هي پاڪستاني عدالتن ۾ پيش نٿو ٿئي جنهن وٽ ثبوت آهن اهو برطانوي عدالت ۾ کڻي وڃي پشاور ميٽرو تي نه عمران خان نه شهزاد اڪبر ڳالهائي ٿو نه ئي نيب ڪارروائي ڪري ٿو اهڙن خيالن جو اظهار شاهد خاقان عباسي سومر تي پارٽي جي ترجمان مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ صاحب شهزاد اڪبر کان اڄ تائين ڪوئي اثاثو رڪور ناهي ٿيو شهزاد اڪبر صاحب جو هڪ ئي اثاثو آهي اهو به لڳو ٿو ڪوڙي آهي هن چيو ته ڊيلي ميل ۾ بيان هڻائي حڪومت ڪرپشن ثابت ڪرڻ چاهي ٿي حالت ان حد تائين اچي ويئي آهي جو کيس هاڻي پاڪستان جو به خيال نه آهي هن چيو ته برطانوي ادارو ڊي فڊ پاڪستان ۾ فنڊنگ ڪري ٿو هن ڊيلي ميل جي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته مان عمران خان شهزاد اڪبر ۽ ٻين بيان بازي ڪندڙن جي خلاف يو ڪي جي عدالت ۾ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري رهيو آهيان هن چيو ته جنهن وٽ ثبوت آهن اوڏانهن کڻي وڇي هن چيو ته جيڪڏهن ثبوت آهي ته نيب کي ضرور ڏيو ته جيئن ڪيس ٺهي سگهي هن چيو ته مون کي علم آهي ته انهن ڪوڙن وٽ ڪجهه نه آهي هن چيو ته لاهور ميٽرو تي عمران خان چيو هو ته 70 ارب خرچ ٿيا آهن ميٽرو 30 ارب ۾ ٺهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان هلي رهي آهي هن چيوت ه عمران خان اپوزيشن ۾ چيو هو ته شهبازشريف کيس پانامه ڪيس تي ڳالهه نه ڪرڻ جي 10 ارب جي آڇ ڪئي هئي. شهبازشريف ان تي دعويٰ ڪئي ۽ هاڻي هي ان ڪيس ۾ پيش نه پيو ٿئي هن چيو ته ميٽرو جيڪڏهن نه پئي هلي ته پشاور جي نه پئي هلي پشاور ميٽرو تي نه عمران خان نه شهزاد اڪبر ڳالهائي ٿو نه ئي نيب ڪارروائي ڪري ٿي. هن چيو ته ڪوڙ جي ڪائي حقيقت ته هئڻ گهرجي چون ٿا ته شهبازشريف ايرا جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪئي آهي هن چيو ته 12-2011 جا پي آرڊر پيش ڪيا ويا آهن اسٽيٽ بئنڪ کان معلوم ڪريو ته شهبازشريف جو انهن جي فنڊن سان ڪهڙو تعلق آهي دوستن کي چئلينج آهي ته نيب ۾ وڃن ۽ عوام آڏو ثبوت رکن هن چيو ته هڪ نويد اڪرام جو ذڪر ڪيو ويو جيڪو پنجاب پاور ڪمپني ۾ هو نويد اڪرام کي شهبازشريف ڪرپشن جي ڪيس ۾ ڪڍيو ويو هن چيو ته نويد اڪرام کي 50 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي الزام ۾ ڪيس نيب ڏانهن موڪليو هو هن چيو ته عمران خان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ اڄ تائين سچ ناهي نڪتو هن چيو ته شهزاد اڪبر جو ڪم پريس ڪانفرنس ڪرڻ نه آهي ثبوت پيش ڪري. هن چيو ته عمران خان شهزاد اڪبر ۽ ٻين چمچن جي خلاف يو ڪي جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عدالتن ۾ پيش ٿئي نٿو هاڻي يو ڪي جي عدالتن ۾ پيش ٿيندو.  ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو اهي ته عمران صاحب جيڪڏهن توهان ۾ جرئت ۽ همٿ آهي ته سامهون اچو ڪرائي جي ڪوڙن ترجمانن کان ڇا ڌمڪيون ڏياريو ٿا عمران خان شهباز شريف جي خلاف ڪوڙي اخبار جو ڪريڊٽ وٺڻو پيو ثبوت آهن ته ڪارروائي ڇو نٿا ڪيو اوهان ۾ اخلاقي جرئت ۽ همت آهي ته لنڊن جي عدالت ۾ ضرور پيش ٿيجو سومر تي (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب حڪومتي ترجمانن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب اوهان ۾ اخلاقي جرئت ۽ همٿ آهي ته لنڊن جي عدالت ۾ ضرور پيش ٿيجو اوهان شهبازشريف جي داخل ٿيندڙ هرجاڻي جي دعويٰ ۾ پيش ٿيڻ کان ڀڄي ويا هن چيو ته عمران صاحب نه اوهان پيش ٿيو ٿا نه ئي اوهان جو وڪيل پيش ٿو ٿئي جيڪڏهن اوهان سچا آيو ته ڇو ڀڄي رهيا آهيو عمران صاحب اليڪشن ڪميشن ۾ 18 جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي ڪيس کان اوهان ڀڄي ويا اوهان جي ايسٽ ريڪوري يونٽ عليمه جي پرڏيهي ملڪيتن جي ڪيتري رڪوري ڪئي آهي هن چيو ته عمران صاحب ايسٽ رڪوري يونٽ جهانگير ترين جي بوچين ۽ مالين جي نالي تي مني لاندڙنگ جي ڪيتري رڪوري ڪئي آهي هن چيو ته عمران صاحب ايسٽ رڪوري يونٽ پشاور جي هڪ کرب جي کڏن جي ڪرپشن جي ڪيتري رڪوري ڪئي آهي هن چيو ته عمران صاحب وفاق ۽ پنجاب جو رڪارڊ اوهان وٽ موجود آهي پريس ڪانفرنس نه ڪيو ثبوت آهي ته ڪارروائي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *