
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌسماءَ واري صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته پانامه شريف فئملي کي نه ڇڏيندو ڇو ته شريف فئملي سڄو قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي حڪومت هاڻي ايئن ڀڄي رهي آهي جيئن اڄ درياهه جي ڪناري ڀڄندو اها ڳالهه هن هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته پانامه جي معاملي ۾ مسلم ليگ (ن) جا ڪجهه اڳواڻ شروع ۾ شريف فئملي جو بچاءُ ڪيو پر جيئن ئي پانامه جي حقيقت جي خبر پئي ته (ن) ليگ جي سينيئر ۽ معتبر اڳواڻن خاموشي اختيار ڪئي ۽ اهي لاپته ٿي ويا مولابخش چاندِو چيو ته حڪومت اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن جيڪي عدالت ٻاهران سوال پڇڻ وارن کي گاريون ڏين ٿا حڪومت کي احساس ٿي ويو آهي ته پانامه جو معاملو حقيقت آهي ان کان بچڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي هن چيو ته پ پ پ جي خلاف (ن) ليگ جا ٻه نعرا هئا جيڪي ان جي پير ۽ مرشد ضياءُالحق جا هئا هڪ پيپلزپارٽي ڪرپٽ آهي ۽ ٻيو احتساب خدا جو شان ڏسو جو اڄ بين الاقوامي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ شريف فئملي جو نالو آهي ۽ هاڻي احتساب کان فرار وارو رستو اختيار ڪري رهيا آهن مولابخش چانڊيو چيو ته شريف فئملي هر ڀيري قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي مشرف سان معاهدو ڪري ملڪ مان ٻاهر ويو ۽ ان ڳالهه جو انڪار ڪندو رهيو آخرڪار ان جو قوم سان ڳالهايل ڪوڙ پڪڙجي ويو ۽ آخر ثابت ٿي ويو ته هو مشرف سان معاهدو ڪري ويو هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاسي ڏني بينظير ڀٽو شهيد کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ۽ ٻن چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو ان جاءِ تي سپريم ڪورٽ هاڻي به هڪ مشڪل فيصلو ڪندي.