ن ليگ جي غلط پاليسين سبب جمهوريت خطري ۾ پئجي رهي آهيۡۡ: پ پ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي غلط پاليسين سبب جمهوريت خطري ۾ پئجي رهي آهي پ پ انتقامي ڪارروائين کان ڊڄڻ واري ناهي ظلم خلاف جمهوري انداز ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين ن ليگ ايترو ظلم ڪري جيترو  برداشت ڪري سگهي. ڪوٽلي واقعي جا ذميوار وفاقي وزير آهن کين گرفتار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سيد نجمي عالم وقار مهدي، راشد رباني، اقبال ساند، لطيف مغل سميت پ پ آزاد ڪشمير سنڌ جي صدر سردار مير حيدر ۽ سردار نزاڪت ڪوٽلي واقعي خلاف آچر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهري ڪندي ڪيو. سندن هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا هئا خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته ن ليگ جي جمهوريت خلاف پاليسين سبب پاڪستان ۾ جمهوريت خطري ۾ آهي اسان چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجا پنج سال مدو پورو ڪري ڪوٽلي ۾ پ پ جي ريلي خلاف ن ليگ جي حڪومت آمراڻو رويو اختيار ڪيو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته هن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ريلي ۾ وقار مهدي راشد رباني، حيب الدين جنيدي، اقبال ڪاڪڙ، لطيف مغل، مرزا مقبول ، شهباز اختر، اقبال ساند، فيصل مينڌرو سميت پ پ جي ڪارڪنن ۽ ڪشميري عوام شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *