ن ليگ جي سياست ۾ ننڍن صوبن جو ڪو به حصو ناهي: مولا بخش چانڊيو

کاريان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته ن ليگ جي سياست ۾ ننڍن صوبن جو ڪو به حصو ناهي. اسان جي پنجاب اچڻ تي اعتراض ڇو پيو ڪيو وڃي. کاريان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ جنم ورتو آهي، گورنر ڪجهه به ڳالهائي سگهي ٿو ته ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ڪير آهي جنهن متحده خلاف وائٽ پيپر جاري ناهي ڪيو، سنڌ ۾ ن ليگ وٽ هڪ ئي ايم اين اي هو جيڪو اسان وٽ اچي ويو. هن وڌيڪ چيو ته راحيل شريف جي وقت ۾ هنن جي حڪومت ڇا هئي اها سڀني خبر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *