ن ليگ جي خواهش پوري ٿي، شاهد خاقان چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي: فردوس عاشق

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي جي ته اِها خواهش هئي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قانون جي عملداري جيئن جيئن رنگ پڪڙيندي آهي انهن جي منهن جو رنگ پيلو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اڄ شهباز شريف جي منهن جو پيلو رنگ اِهو ثابت ڪري رهيو هو ته قانون پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سبق سڀني کي سکڻ گهرجي ته هتي اصل حڪمران پروردگار آهي باقي ماڻهو آهن جن کي اچڻو ۽ هليو وڃڻو آهي پر جن خدا جي ڌرتي تي خدا بڻجي سندس مخلوق جو استحصال ڪيو ان کي اڄ شام غريبان ڏسڻي پئي. خاص مددگار چيو ته شاهد خاقان عباسي جي خواهش هئي ته هو هر هر نيب کي گهرائي  چئي رهيو هو ته مون کي گرفتار ڇو نٿا ڪيو ته ڪير به شخص جيڪو نيب جو ڏوهاري هجي اُهو گرفتاري کان بچڻ لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائيندو آهي يا جيڪو قانوني آپشنز هجي ان تي غور ڪندو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي نه ته گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي هئي نه ئي قانون جي حوالي سان اهڙو ڪو آپشن استعمال ڪيو جيڪو سندس گرفتاري جي رستي ۾ رنڊڪ بڻي ها. سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي، هن ميان صاحب سان گڏ عهد و پيما نڀائڻ جو قسم کنيوهو ته هو هاڻ ئي بوکلائجي ويو آهي، توهان کي پنهنجي مڪافات عمل مان گذرڻو آهي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نيب هر شخص کي صفائي جو موقعو ڏيندو آهي ته ضروري ناهي ته هر شخص جي گرفتاري عمل ۾ اچي، شاهد خاقان عباسي نيب مان جيڪا ڀاڄ حاصل ڪئي ان جي ڪري سندس دلي خواهش پوري ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي قيادت کي حڪومت تي الزام تراشيون ۽ وزير اعظم پاڪستان کي ان عمل ۾ گهلڻ اِهو ظاهر ٿو ڪري ته ن ليگ جي قيادت وزير اعظم سان ذاتي عداوت، حسد ۽ بغض رکي ٿي. خاص مددگار چيو ته وزير اعظم جو رڳو اِهو ڏوهه آهي ته اُن هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو، هر شخص تي قانون کي لاڳو ڪيو ۽ پاڪستان جو هر شهري اڄ گڏيل طور تي قانوني تقاضائن جي ماتحت آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جيڪي ماڻهو قانون کي پنهنجي تابع رکندا هئا اڄ اُهي قانون جي تابع اچي رهيا آهن ته هنن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي، کين قانون کي منهن ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن هنن ڪجهه غلط ناهي ڪيو ته کين آڱيون هلائي هلائي پنهنجي بي گناهي جا ثبو نه ڏيڻ گهرجن ثبوت ڏيڻ جو فورم عدالت آهي. هن چيو ته گرفتار ماڻهن عدالتن ۾ وڃي پنهنجي بي گناهي جو ثبوت ڏين، آئون پراميد آهيان ته هن ملڪ ۾ عدلتون آزاد آهن، ادارا بااختيا آهن ۽ اِهو ڪو به سبب ناهي ته کين انصاف نه ملي. خاص مددگار چيو ته جنهن جنهن جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي ان کي ضمير جي عدالت ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو آهي ۽ ضمير جي عدالت جي قيدي کي ميڊيا ۾ اچي وضاحتون ڏيڻ جي ضرورت پئجي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *