ن ليگ جي حڪومت ۾ ننڍن صوبن کي حق نٿا ملي سگهن: مولابخش چانڊيو

لاڙڪاڻو (بيورو) مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت ۾ ننڍن صوبن کي حق نٿا ملي سگهن. لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو واري علائقي ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي جو چوڻ هو ته ن ليگ جي سياست هڪ علائقي تائين محدود آهي، ان ڪري هو ننڍن صوبن کي حق ڏيڻ نٿا چاهن.هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪندڙ جمهوري ناهن، گرينڊ الائنس جي عمرڪوٽ واري جلسي ۾ روحاني جماعت جا ماڻهو هئا.سندس چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري طبيعت خراب هجڻ ڪري پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته ورسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.مولابخش چانڊئي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري، قوم سان اهم معاملن بابت ڳالهائيندو، جنهن جي کيس سموري ڄاڻ آهي.هن چيو ته پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت حڪومت ڏني، جنهن بابت عدالت واضح ڪري چڪي آهي.سڌ سماءَ واري صلاحڪار چيو ته جلسي ۾ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *