ن ليگ جي بي ۾ ٿيل چونڊن جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا، احتجاج جو اعلان

گلگت (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن گلگت بلتستان ۾ ٿيل چونڊن جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا. مسلم ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال اليڪشن جي نتيجن خلاف احتجاج جو اعلان ڪنبدي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. احسن اقبال چونڊ نتيجن رد ڪندي چيو ته ريٽرننگ آفيسر صبح جو حڪومتي ماڻهن وٽ حاضري ڀريندا هئا، اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن سان گڏجي ايجنڊا بڻايو. هن چيو ته آزاد اميدوار تحريڪ انصاف اميدوارن جي مقابلي ۾ کٽيو، آزاد اميدوارن جي ڪاميابي جو مطلب اهو آهي ته عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو، چونڊن کان ٽئي ڏينهن اڳ چيو ويو هو ته مسلم ليگ ن کي 3 سيٽون ملنديون. سندس چوڻ هو ته هن اليڪشن ۾ گلگت بلتستان جي عوام مسلم ليگ ن جي آجيان ڪئي، مسلم ليگ ن گلگت بلتستان ۾ سڀ کان وڏا جلسا ڪيا پر چونڊن ۾ ووٽن تي  ڌاڙو هنيو ويو. ن ليگ اڳوان چيو ته هاڻ ڪراچي کان پشاور ۽ گلگت تائين احتجاج ڪيو ويندو، ڌانڌلي وارين چونڊن سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي. احسن اقبال اميد جو اظهار ڪيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سڀئي جماعتون شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حفيظ الرحمان چيو ته ڪالهه انڌا ڌند فائرنگ ڪئي وئي پر ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آئي، نئون پاڪستان بڻائڻ لاءِ گلگت بلتستان ۾ امن خراب ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته اِهي ٻيو بزدار گلگت ۾ آڻڻ چاهين ٿا، اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ 4 وفاقي وزيرن ماڻهن ۾ پيسا ورهايا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *