ن ليگ جو لنڊن ۾ اجلاس، مائنس نواز شريف ۽ غير آئيني قدم قبول نه ڪرڻ تي اتفاق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جو لنڊن ۾ اجلاس، مائنس نواز شريف ۽ غير آئيني قدم قبول نه ڪرڻ تي اتفاق، تفصيل موجب: لنڊن ۾ ن ليگ جو اجلاس اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾  وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير  اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت حسين نواز ۽ حسن نواز به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مائنس نواز شريف ۽ غير آئيني قدم قبول نه ڪيا ويندا، هوڏانهن  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي فيئر ٽرائل نه مليو، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته 2 نومبر تي واپس پاڪستان وڃي رهيو آهيان، هن چيو ته ڪوئي مائنس نواز فارمولا ناهي، پارٽي ۾ ڪا ورهاست ناهي، عدالت ۾ جيڪو ٽرائل ٿي رهيو اهي، اهو سڀني سامهون آهي، مون کي فيئر ٽرائل نه مليو، احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيو آهيان، مان سڀ ڪجهه ڏسي ۽ سمجهي رهيو آهيان ته ڇا ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هي وڏن وزيرن جو اجلاس نه هيو، هڪ صحافي پاران ٻين وڏن وزيرن جي اجلاس ۾ نه هئڻ واري سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته تمام سٺو سوال ڪيو پر اهو وڏن وزير جو اجلاس نه هيو، هي ذاتي نوعيت جي ملاقات هئي، حڪومت کان هڪ ڏينهن جي موڪل ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *