ن ليگ جو جنون مٿي چڙهي ويو، عوام جو حق حاڪميت تسليم ڪيو وڃي: سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ن ليگ جو جنون مٿي چڙهي ويو آهي، جڏهن ته عوامي وزير اعظم نواز شريف جي لاءِ اهل وطن وٽ احترام آهي.زرداري دور ۾ هڪ ميگا واٽ بجلي پيدا نه ٿي، اسان جو رستو روڪيو ويو، هن چيو ته اسان پاڪستان جي ترقيءَ جو سفر بيهڻ ناهي ڏنو، جتي اسان چونڊون کٽيون، چيو ويو اتي ڌانڌلي ٿي، جتي شيخ رشيد کٽيو، اتي ڌانڌلي نه ٿي، هن چيو ته نواز شريف کي اقتدار کان ڪڍي ڇا مليو؟، 4 سال نواز شريف جي قيادت ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو، هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت ڪراچي ۾ امن واپس آندو، خواجا سعد رفيق چيو ته بلوچستان ۾ قومپرستن جي حڪومت بڻائي، اڄ بلوچستان قومي وهڪري ۾ تيزيءَ سان واپس اچي رهيو آهي، ڪراچي وانگر بلوچستان جو امن به واپس اچي رهيو آهي، زرداري دور ۾ هڪ ميگا واٽ بجلي پيدا نه ٿي، اسان جي رستي ۾ ڌرڻا نه ڏنا ويا هجن ها ته اوندهه مان جان ڇٽي وڃي ها.  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عوام جو حق حاڪميت تسليم ڪيو وڃي، ووٽ جي حرمت مقدم هئڻ گهرجي جڏهن ته چونڊيل وزير اعظم جي مينڊيٽ جو احترام ناهي ڪيو ويو ان ڪري ناانصافي ۽ استحصال ڪنهن طور تي قبول ناهي. هن چيو ته هزارين گاڏيون روانگي جي ويجهو آهن ۽ ماڻهو پنهنجي قائد جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *