ن ليگ ايم اين جاويد لطيف جي نالي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جاويد لطيف خلاف وزيراعظم جي ايڪشن جو انتظار آهي، ليگي قومي اسيمبلي جي ميمبر اخلاق جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، جيڪڏهن انهن کي اسيمبلي مان کڻي ٻاهر ڦٽو نه ڪيو ويو ته يقين ٿي ويندو ته نواز شريف جي اشاري تي مراد سعيد کي نشانو بڻايو ويو، نوشهره ۾ قاضي حسين احمد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ عمران خان چيو ته جاويد لطيف مراد سعيد جي خلاف جيڪي لفظ استعمال ڪيا، نواز شريف کي ان تي معافي وٺڻ گهرجي، جاويد لطيف کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، جيڪڏهن ان جي پارٽي جو ڪو ايم اين اي اهڙو ڪم ڪري ها ته پارٽي مان ڪڍي ڇڏيان هان، عمران خان چيو ته جاويد لطيف جو نالو وٺڻ مان پنهنجي توهين سمجهان ٿو، تقريب ۾ خطاب ۾ هن چيو ته قومون روڊ، رستا ۽ پلون ٺهڻ سان نه بڻجنديون آهن، اسان اسڪول، يونيورسٽين ۽ اسپتالن جو افتتاح نٿا ڪريون، نواز شريف هميشه روڊن جي افتتاح ڪندو رهي ٿو، سڄي ملڪ ۾ ڪي پي ڪي پوليس وانگر اسپتالن جو به چرچو هوندو، هن چيو ته پرويز خٽڪ ۽ عاطف خان کي انسانن تي پيسو خرچ ڪرڻ تي داد ڏيندي چيو ته اسپتالن مان سياسي مداخلت ختم ڪرڻ تي پرويز خٽڪ تعريف جو حقدار آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ٻيڻا ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندي، اڳوڻين حڪومتن عوام کي ڪرپشن ڏنو، هن سال نئين عوام کي تبديلي نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *