نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيپرا ڪي اليڪٽر کي صارفين کان ميٽر رينٽ جي مد ۾ ورتل چارجز کي غير قانوني قرار ڏيندي ان تي هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو، نيپرا اختيارين مطابق ڪي اليڪٽرڪ طرفان ساڍا 7 روپيا في صارف ميٽر رينٽر وٺڻ غير قانوني آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي ملٽي ٽيرف جاري ڪيو ويو هو جنهن جي تحت ڪمپني منظور ڪيل ٽيرف کان علاوه ڪنهن به مد ۾ صارفين کان اضافي پئسا وصول ڪرڻ جي مجاز ناهي، نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي هينئر تائين ورتل سمورو ميٽر رينٽ صارفين کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ان تي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ روپين جو ڏنڊ به وڌو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *