نيپرا جنوري لاءِ بجلي 4 رپيا 11 پئسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي(نيپرا) جنوري لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 4 رپيا 11 پئسا في يونٽ گهٽٽائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا چيئرمين طارق سدوزئي سرنٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي پاران بجلي جي اگهه ۾ 3 رپيا 38 پئسا في يونٽ گهٽٽائي واري ڏنل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست ۾ چيو ويو هو ته جنوري دوران ڊيزل مان بجلي ٺاهڻ تي 12 رپيا 42 پئسا، ايران مان بجلي گهرائڻ تي 10 رپيا 60 پئسا، فرنس آئل مان 6 رپيا 26 پئسا، گئس مان 6 رپيا هڪ پئسا ۽ ايٽمي بجلي گهرن مان في يونٽ بجلي پيدا ڪرڻ تي هڪ رپيو 12 پئسا خرچ آيو، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته جنوري دوران بجلي جي في يونٽ پيداواري ريفرنس پرائس 9 رپيا 86 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي هئي پر سراسري طور پيداواري خرچ 6 رپيا 48 پئسا في يونٽ آيو، تنهن ڪري پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏيڻ لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ سرچارج جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 38 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وڃي، بڌڻي دوران نيپرا چيئرمين جي هدايت کانپوءِ به ميرٽ آرڊر جا تفصيل نه ڏنا ويا، جنهن تي هن سخت ڪاوڙ ڏيکاري، هن پڇايو ڪيو ته پاور پلانٽ فرنيس آئل بدران ڊيزل تي ڇو پيا هلايا وڃن؟ ان موقعي تي نيپرا سي سي پي اي جي درخواست رد ڪندي جنوري لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 4 رپيا 11 پئسا في يونٽ گهٽٽائي جي منظوري ڏني، نيپرا مطابق بجلي جي اگهه ۾ گهٽٽائي جنوري لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ سرچارج جي مد ۾ ڪئي ويئ آهي، جنهن سان بجلي جي واهپيدارن کي 32 ارب رپيا واپس ڪيا ويندا، جڏهن اهو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *