نيپرا بجلي قيمتن ۾ 3.24 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجليءَ جي قيمتن ۾ 3.24 رپيا في يونٽ گهٽتائيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپر اموجب اها گهٽتائي مهيني وار فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ فارمولي تحت ڪئي وئي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) عالمي مارڪيٽ ۾ فرنس آئل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ گذريل مهيني نيپرا کي بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي درخواست ڏني هئي. ڪراچي اليڪٽرڪ کان سواءِ بجلي فراهم ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي صارفين کي ان سلسلي ۾ مارچ کان رليف ملندو. اهو فيصلو سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان داخل پٽيشن جي ٻُڌڻيءَ کان پوءِ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *