نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 47 پئسا في يونٽ گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي بجلي جي قيمت ۾ 47 پئسا في يونٽ گهٽ ڪرن جي منظوري ڏيئي ڇڏي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اطلاق ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ لائيف لائين صارفين کان سواءِ سڄي ملڪ جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين تي ٿيندو. نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 47 پئسا في يونٽ گهٽ ڪرڻ متعلق سينٽرل پاور پرجيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آڪٽوبر جي مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني ويئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *