نيپرا بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيپرا بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اگهن ۾ لاٿ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي. نيپرا نيشنل پاور پراجيزنگ ايجنسي جي درخواست تي بجلي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا موجب، مارچ مهيني جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي قيمتن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلن ۾ گهٽائي جون مهيني ۾ ڪئي ويندي. بجلي اگهن م لاٿ50 کان گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي. واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب ملڪ اندر بجلي قيمتن م لاٿ جي منظوري ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *