نيپرا بجلي اگهن ۾ في يونٽ تي 2 رپيا 8 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيپرا بجلي اگهن ۾ في يونٽ تي 2 رپيا 8 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نوان اگهه ڪراچي اليڪٽرڪ کانسواءِ بجلي جي ورڇ ڪندڙ سمورين ڪمپنين تي لاڳو هوندا. نيپرا ترجمان موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ تي گهٽتتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.   نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته فرنس آئل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب بجلي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وئي ۽  اهڙي گهٽتائي فيول ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي. نيپرا واضح ڪيو ته بجلي جا نوان اگهه ڪراچي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *