نيپال ۾ ٻيهر زلزلو، 42 ڄڻا فوت، 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

کٽمنڊو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آيل زلزلي سبب 42 ڄڻا فوت ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڀارت ۾ به زلزلي سبب 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. آمريڪي جيالاجيڪل سروي موجب نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7 ڏهائي 4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز مائونٽ ايوريسٽ ويجهو نامچي باراز وارو علائقو ۽ زمين ۾ ان جي گهرائي 60 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلي سبب عمارتون ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته عمارتن جي ڍير مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف زلزلي جا جهٽڪا ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي، پٽنا ۽ آسام ۾ به محسوس ڪيا ويا جتي 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. ياد رهي ته گذريل مهيني به نيپال ۾ 7 ڏهائي 9 جي شدت سان آيل زلزلي سبب 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *